ارچڪ مرچڪ

اِرچِڪ مِرچِڪ (راند): هڪ ٻاراڻيءَ راند جو نالو. راند جا پھريان ٻه لفظ. راند جي سڄي چوڻي هن طرح آهي: ارچِڪِ مِرچڪ، ڌاڻا ڌِرچِڪِ آڳَ پٽيھِرَ، ٽوڀو ٽِيھرَ لوهو لاٽون، چنڻ گهاٽُون نانگڻ جوڳڻ، خيران کٽي ٻُٽي، هُتِ ڇُٽي لاڙ ۾ اُن جا ٻول هن ريت آهن: ارچڪ مرچڪ، ڌاڻا ڌِرچڪ، آڳَ پٽولڻ، ناگڻ جوڳڻ، لاهيان لوٽو، چندن گهاٽو هُرٻو ڇوڙ، ڇُٽ ڀَٽارا انهن ٻولن جا مختلف روپ مختلف علائقن ۾ مروج آهن، انهن ٻولن چوڻ سان گڏ هرهڪ ٻار تي هٿ رکبو وڃبو، جنھن ٻار تي ٻول، کُٽو، اهو ٻار وڃي لڪندو. ائين ڪندي ڪندي آخر ۾ جيڪو ٻار بچيو، اُهو آڳ ڏيندو. هن راند جي ٻي صورت اها آهي ته سڀ ٻار هٿ ابتا ڪري اڳيان رکي ويھندا. ڪو هڪڙو (عام طرح گهر جو وڏو فرد) هٿن تي آڱر رکي اهي ٻول چوندو ويندو، جنھن جي هٿ تي ٻول کٽو اهو هٿ سڌو ڪندو، ائين سڀني لاءِ ٿيندو، جيڪڏهن وري ڪنھن سنئين ٿيل هٿ تي آڱر پھتي ته اهو راند مان خارج ٿي ويندو. سڀني کان آخر ۾ بچيل ٻار راند کٽي ويندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو